ماسِ جي سنڌي معنيٰ
سنديس ماءُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Their mother.
ماسِ جا بيتن ۾ حوالا
جهولَ نَہ جَهلِي سُهڻِي، سائِرُ سَٽَ سَندِياسِ،
جَنھِن اِھَڙِي ڄائِي عاجِزَ، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ،
پَسِين جَي پِياسِ، تَہ ڪِي عِشقُ آڻِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 16 ]
جَنھِن اِھَڙِي ڄائِي عاجِزَ، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ،
پَسِين جَي پِياسِ، تَہ ڪِي عِشقُ آڻِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 16 ]
ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، پَسو سَگَهہ سَندِياسِ،
آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ،
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 23 ]
آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ،
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 23 ]
وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو،
آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ،
پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي، توڻي ماءَ مُياسِ،
آيَمِ اَنڌي لوڪَ سين، مُٺِي آئُون مُٺياسِ،
پِئُمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آئُون سُتِياس،
پييمِ پُنهونءَ ڄامَ سين، ڪُٺِيءَ آئُون ڪُٺِياسِ،
اَلا اُنِ مَ وِسَران، ڏِٺي جَنِ جياسِ،
پاڻُ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي آئُون ڇُٽِياسِ،
پييَسِ وَرِ وِصال جي، جانڪِيتان جِياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 9 ]

ماسِ ٻول جا زمرا