عَطُرَ جي سنڌي معنيٰ
سرهاڻ، گلن ۽ ٻين شين جو جوهَرُ، جوهَرُ، رُوح، عرق. گُلن جو رَسُ. سَرهاڻ، سُڳنڌ، ڦليلُ، خوشبُوءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fragrance, perfume, ottar (or otto) of roses, essence.
عَطُرَ جا بيتن ۾ حوالا
پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين اَمُلَ،
مُنھِن گهُنڊِي تَنِ ڳَلَ، ڀوري لوڪَ نَہ لَکِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 15 ]
مُنھِن گهُنڊِي تَنِ ڳَلَ، ڀوري لوڪَ نَہ لَکِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 15 ]
پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين آھِين،
گهُڊَڙِي نَہ لاھِينِ، سَڄَڻَ ڀَنڀي وارَ جِيئَن.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 16 ]
گهُڊَڙِي نَہ لاھِينِ، سَڄَڻَ ڀَنڀي وارَ جِيئَن.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 16 ]
سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، نِسورو نَرَڳُ،
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ،
عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.
[ سُر بلاول، وڳند، 6 ]
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ،
عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.
[ سُر بلاول، وڳند، 6 ]
لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ،
ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ،
اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو جِيئَن مورَ،
سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِئو عَطُرَ پِرِين اَتورَ،
ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِھِين، آرِياڻِيءَ جا ھورَ.
[ سُر ڏھر، وايون، 1 ]

آيو ڄامُ ڄُلِي، مَنَھِن مَلاحَنِ جي،
عَطُرَ ۽ عَنبِيرَ جِي، اَچِي ڇولَ ڇُلِي،
ڪِينجُهرُ سَڀَ ڪُلِي، اُنِ کي انعامِي ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 23 ]
عَطُرَ ۽ عَنبِيرَ جِي، اَچِي ڇولَ ڇُلِي،
ڪِينجُهرُ سَڀَ ڪُلِي، اُنِ کي انعامِي ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 23 ]
English Meaning
Fragrance, perfume, ottar (or otto) of roses, essence.
عَطُرَ ٻول جا زمرا