صَدائُون جي سنڌي معنيٰ
درويش يا فقير جي گهرڻ جا آواز، سوال، سَئِنُون. گونجون. پڙاڏا، پڙلاءَ. آواز، نِدائون. قول، گفتا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The cries of a fakir asking for alms, begging.
صَدائُون جا بيتن ۾ حوالا
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِتِ،
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 3 ]
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 3 ]
لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾،
ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون،
صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 4 ]
ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون،
صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 4 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ،
صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ،
ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 7 ]
صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ،
ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 7 ]
English Meaning
The cries of a fakir asking for alms, begging.