خَطِرو جي سنڌي معنيٰ
خوف، ڊپ، ڀؤ، ڏَرُ، ڊڄ، انديشو، جوکو، آفت، دُشواري، سختي، وَسوسو، ھراس، حِراس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Danger, risk. Inclination to stool.
خَطِرو جا بيتن ۾ حوالا
ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي،
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ،
ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ،
آئِي اُنَ جي بابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ ، پَرُوڙِجِ پَيغامُ،
خَطِرو لاھي خامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 7 ]