اولادَ جي سنڌي معنيٰ
وياءُ، ٻار ٻچا، عيال، ڄڻيا. سنڌيءَ ۾ واحد طور مشتعمل لفظ (پيٽ ڄائو پٽ يا ڌيءَ).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Children, offspring.
اولادَ جا بيتن ۾ حوالا
سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
جَنِي جهيڙئو ڪالَهہ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 2 ]
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 2 ]
جَنِي جهيڙئو اَڄُ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 3 ]
ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 3 ]
جَنِي جهيڙِئو ھاڻِ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 4 ]
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 4 ]
English Meaning
Children, offspring.